9th class exmation and Sindh government

آنلائن ڪلاس ۽ ھڪ ڳوٺ جو غريب شاگرد………اي بي سي
9th class exmation and Sindh government

بابا اڄ ھزار کپي ...
پٽ ھزار!!! خير ته آھي ھزار ڪاڏي ڪندين ؟ .....
بابا مھيني وارو پيڪيج ڪرائڻو آ منھنجا ھاڻي آنلائين ڪلاس  ھلندا ....
پٽ اھو وري ڇا ھي ؟ ...
بابا او جئين ولو وارا اشرف سان ڳالھائيندا آھن سعودي ائين اسان جا ڪلاس ھلندا آمھون سامھون ....
پٽ پوء ولو وارا ته ڳالھائڻ لاء شاخ تي ويندا آھن جيڪا ھتان کان ڏھ ڪلوميٽر پري آھي پوء تون به ويندين اوڏھن ؟
جي بابا وڃڻو پوندو ..
اڇا ڀلا ڪھڙو وقت رکيو اٿن ڪلاس جو ..
بابا صبح جي نائين بجي کان وٺي منجھند جي ٻه بجي تائين .
پٽ پوء اھو ڪئين ٿيندو شاخ تي اھڙي ڪا ڇانو به ناھي جو  تون  ويھي  ڪلاس وٺي  ..
بس بابا ڇا ڪيان اعلي عملدارن جا فيصلا آھن مون کي صرف ھا ڪرڻي آھي  منھنجي سورن کي ٿورئي ڪير ڏسندو ته صمد ڪئين ٿو گذاري ڇا ٿو ڪري .
حاضر پٽ مان ڏسان ٿو شام .
ملي وياجي ڪجھ ڏينھن اڳ چيو ھيو ته گھر جو ڪم ڪرائڻو آ  اگر ڪرائي ٿو ته ايڊوانس ۾ ٻه ڏوڪڙ وٺي ٿو اچانس ..
پٽ ھتڙي ته بجلي به گھٽ ايندي آھي ايترو وقت تنھنجي اھا موبائيل ڪم ڪري ويندي ؟
نه بابا ڏسان ڪجھ ڪيان ٿو ملي وياجي جو پٽ ساگر به گڏ آھي انھي جا به ڪلاس ھلندا ڏسون ڇا ٿو ٿئي ..
چلو پٽ جيڪو ٿئي خداوند اوھان جون مشڪلاتون دور ڪري ..
جي بابا بلڪل ...
بابا ملي جي طرف روانو ٿي ويو ۽ مان بس سوچن ۾ غم ٿي ويم ته منھنجي ڪلاس ۾ ڪجھ اھڙا به شاگرد ھئا جيڪي ٽچ موبائيل به خريد ڪرڻ جي حيثيت نه پيا رکن اھي ڇا ڪندا ڪٿان آڻيندا موبائيل ڪئين ڪرائيندا پيڪيج .
۽ يڪدم منھنجي دماغ جھٽڪو کاڌو ۽ مان سنڌو جي باري ۾ سوچڻ لڳم جيڪا ھڪ ھاري جي ڌي ھئي جنھن جو ڳوٺ جوھي شھر کان چاليھ ڪلوميٽر  پري آھي اھا ويچاري ڪاڏي ويندي ڪنھن کي چوندي
نه ھن وٽ موبائيل نه ھن جي ڳوٺ ۾ ڪي سگنل
 بس يار سھي چوندا آھن ته ڪجھ به ٿئي پر سورن ۾ غريب ....
اڳ ۾ ٻڌو ھئو ته تعليم غريبن لاء ناھي پر اڄ ڏسون ويٺا ته واقعي غريب کان تعليم مھانگي آ ....
اھا سنڌو جيڪا اسانجي ڪلاس ۾ واحد ڇوڪري ھئي جيڪا  برڪو پھري ايندي ھئي .
مان ھن کان ھڪ ڏينھن پڇو ته توھان ھر روز يا وري ڪنھن پروگرام تي برڪو پھري ايندا آھيو ڇا ڳالھ آھي .؟
سنڌو ڳالھ کي لڪائڻ گھريو پر مان زور ڀريو ..
نيٺ سنڌو مجبور ٿي چيو ته صمد مون وٽ صرف ٻه ٽي جوڙا آھن انھن کي به ڪجھ چتيون لڳل آھن تنھن لاء برڪو پھريندي آھيان ..

No comments

Powered by Blogger.