Pakistan pepuls party Sindh 11 June news

Pakistan pepuls party

پيپلز پارٽي سنڌ پاران 11 جون تي ڪراچي ۾ گهڻ پارٽي ڪانفرنس سڏائي پئي وڃي، جنهن ۾ قومپرست پارٽين کي به دعوت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي جيڪا آهي ته وفاقي پارٽي پر انهي جو صرف سنڌ سطح تي گهڻ پارٽي ڪانفرنس سڏائڻ ڪجهه سوالن کي جنم ڏئي ٿو. هن وقت تائين سنڌ پيپلز پارٽي جي نثار کهڙو صاحب جي پريس بيان مطابق جيڪي موضوع انهي گهڻ پارٽي ڪانفرنس جا پڌرا ڪيا ويا آهن انهن ۾، اين ايف سي ايوارڊ، ارڙهين ترميم، ماڪڙ، اسٽيل مل ۽ ڪورونا صورتحال ٻڌائي وئي آهي. منهنجي نظر ۾ انهن سڀني معاملن مان ڪو به هڪڙو معاملو اهڙو ڪونهي جيڪو صرف ۽ صرف سنڌ سان لاڳاپيل هجي سڀ جا سڀ معاملا پاڪستان جي سڀني صوبن سان لاڳاپيل آهن پوءِ آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو انهن معاملن تي صرف سنڌ پيپلز پارٽي کي ٻين پارٽين سان صرف سنڌ اندر مشاورت ڪرڻ جي ضرورت پئجي رهي آهي؟ جن پارٽين جا نالا هن وقت تائين دعوتين ۾ پڌرا ڪيا ويا آهن انهن ۾ چند سنڌ جي قومپرست پارٽين سميت اڪثريت انهن جي آهي جيڪي وفاقي پارٽيون آهن. ٻيو ته اڪثر آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ويندي آهي، جنهن ۾ هر انهي پارٽي کي دعوت ڏني ويندي آهي جيڪا اسيمبلي جي فلور تي هجي يا اسيمبلي کان ٻاهر عوام ۾ مقبوليت رکندي هجي. پر هي گهڻ جماعتي ڪانفرنس جو نالو منتخب ڪرڻ جي پٺيان ڪهڙو لاجڪ آهي؟ ٽيون اجلاس سڏايو ته وزير اعليٰ هائوس ۾ پيو وڃي پر دعوت وزير اعليٰ ڪونه پيو ڏي؟
 اين ايف سي ايوارڊ هجي يا ارڙهين ترميم، اسٽيل مل هجي يا ماڪڙ، ڪورونا هجي يا ڪو ٻيو معاملو انهن سڀني تي حڪومت کان ٻاهر ويٺل وفاقي توڙي صوبائي جماعتن، اسيمبلي ۾ ويٺلن توڙي اسيمبلي کان ٻاهر ويٺلن سان مشاورت ڪرڻ بجاءِ صرف سنڌ جي چند جماعتن کي گهرائي انهي معاملي تي رڳو ڪا راءِ جوڙڻ جي ضرورت موجوده وقت ۾ پيپلز پارٽي کي ڇو پيش آئي آهي؟ انهن سڀني معاملن تي مهينو اڳ به ته پيپلز پارٽي انهن جماعتن کي گهرائي ڪا گڏيل راءِ جوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي سگهي! پر لڳي ائين ٿو ته جڏهن کان کنڊ اسڪينڊل رپورٽ ۾ وزير اعليٰ سنڌ کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ ذميوار قرار ڏنو ويو آهي ۽ اومني گروپ کي به کنڊ اسڪينڊل ۾ شامل ڪيو ويو آهي تڏهن کان انهي ڳالهه جي ضرورت وڌيڪ پيش آئي آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي قومپرست ۽ ٻين جماعتن کي هڪ ٻيڙي ۾ کڻي هلي ۽ پنهنجو وزن وڌائي. ماضي جي تجربن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن به پيپلز پارٽي ۾ هٿ سوڙها پوندا آهن ته انهن طرفان سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ڪٿي ائين ته ڪونهي ته هن وقت به جڏهن سنڌ جي وزير اعليٰ سميت انهن جي مکيه قيادت ۾ ڪي سگهارا هٿ سوڙها پوڻ لڳا هجن جو کين سنڌ جي اندر قومپرستن سميت صرف ڪجهه جماعتن کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت پئجي وئي هجي؟
 جڏهن آل پارٽيز ڪانفرنس بجاءِ پيپلز پارٽي اها گهڻ جماعتي ڪانفرنس سڏرائيندي هجي ته انهي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي سڀني جماعتن کي ڪونه گهرايو ويندو پوءِ اهي سنڌ اسيمبلي ۾ هجن يا نه هجن. انهي جي پٺيان لاجڪ اهو ٿو لڳي ته سنڌ اندر اسيمبلي فلور تي ويٺل ڪجهه جماعتون اهڙيون به آهن جيڪي وفاق ۾ يا ته اقتدار ۾ آهن يا انهي جون اتحادي پڻ آهن. وري اسيمبلي کان ٻاهر ڪيتريون ٻيون جماعتون به هونديون جن کي نه گهرايو ويندو جو انهن مان ڪجهه وري سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل جماعتن جون اتحادي آهن. ڳالهه کي ٿورو آسان ڪريان، تحريڪ انصاف، متحده قومي موومينٽ ۽ جي ڊي اي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ۾ آهن ۽ وفاق ۾ تحريڪ انصاف جون اتحادي آهن، جيڪڏهن آل پارٽيز ڪانفرنس سنڌ جي مسئلن لاءِ ۽ بالخصوص انهن مٿي بيان ڪيل مسئلن لاءِ سڏائي وڃي ها ته پوءِ ته اهي به سڀ جماعتون گهرائڻيون پئجي وڃن ها تنهن ڪري انهي جو نالو ملٽي پارٽي يا گهڻ جماعتي ڪانفرنس رکيو ويو آهي. هن وقت تائين جيڪي جماعتن جا نالا پڌرا ڪيا ويا آهن انهن ۾ مسلم فنڪشنل ليگ جو نالو ته آهي پر جي ڊي اي جي ٻين جماعتن جهڙوڪ نيشنل پيپلز پارٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ جا نالا شامل ڪونهن، ممڪن آهي ته پوءِ شامل ڪيا ويا هجن پر هن آرٽيڪل لکجڻ تائين منهنجي معلومات مطابق اهي شامل ڪونهن، مطلب سنڌ اسيمبلي جي فلور تي ويٺل جماعتن مان به وري ڪجهه چونڊ جماعتن کي دعوت ڏيڻ ۽ ٻيو وري قومپرست جماعتن مان به وري ڪجهه مخصوص کي دعوت ڏيڻ لاءِ انهي ڪانفرنس جو نالو آل پارٽيز ڪانفرنس رکڻ بجاءِ گهڻ پارٽي يا ملٽي پارٽي ڪانفرنس رکيو ويو آهي ته جيئن لفظ آل ۾ ڦاسي سڀني سنڌ جي جماعتن کي دعوت ڏيڻ جو جواز پئدا نه ٿئي.
 اڄ جي پنهنجي اخبار ۾ خبر آهي ته اجلاس وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿيندو جڏهن ته اجلاس سڏايو سنڌ پيپلز پارٽي طرفان پيو وڃي! اها پڻ غور طلب ڳالهه آهي ته جيڪڏهن اجلاس هڪ پارٽي طرفان پيو سڏرايو وڃي ته انهي جي صدارت ڪير ڪندو ۽ جي اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ سڏايو پيو وڃي ته انهي جي صدارت وزير اعليٰ کان سواءِ ٻيو ڪو فرد ڪيئن ڪري سگهندو؟ لڳي ايئن ٿو ته سنڌ حڪومت انهي معاملي تي پڻ ڪنهن مونجهاري جو شڪار آهي. يا ته سڌو سنئون کين خبر آهي ته معاملو وزير اعليٰ کي بچائڻ جو آهي تنهنڪري انهي طرفان اجلاس نه سڏايو وڃي، اجلاس سڏايو پيپلز پارٽي طرفان وڃي، پر هجي وزيراعليٰ هائوس ۾ ۽ انهي جي صدارت به پارٽي جو صدر ڪري ته جيئن ٻٽو نياپو وڃي ته سنڌ سرڪار ته انهي سان گڏ آهي پر انهن سان گڏ اهي سموريون پارٽيون آهن جيڪي انهي اجلاس ۾ شريڪ ٿيون.
 مٿين سڀني نقطن تي غور ڪرڻ بعد جيڪو نتيجو حاصل ٿي سگهيو آهي انهي مان ته اهو پيو لڳي ته سنڌ سرڪار کي يا پيپلز پارٽي جو انهي اجلاس سڏائڻ پٺيان صرف ۽ صرف مقصد سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري پنهنجي قيادت ۽ وزيراعليٰ کي بچائڻ آهي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار کي سنڌ جي پس منظر ۾ ارڙهين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ، اسٽيل مل، ماڪڙ ۽ ڪورونا تي سنڌ جو گڏيل موقف ٺاهي وفاق آڏو رکڻو هجي ها ته انهي اجلاس جي دعوت ڏيندڙ وزير اعليٰ سنڌ هجي ها ۽ انهي ۾ جيڪي به جماعتون مدعو ڪجن ها انهن کي اعتماد ۾ وٺي سنڌ جو موقف وزير اعليٰ سي سي آءِ اندر سخت انداز ۾ وفاق آڏو رکي ها ۽ جيڪڏهن باوجود انهي جي به وفاق پنهنجي هوڏ تي قائم رهي ته پوءِ انهن جماعتن سان گڏجي ڪا حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ها.
جيڪڏهن پيپلز پارٽي هڪ جماعت جي حيثيت ۾ ارڙهين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ، اسٽيل مل، ماڪڙ ۽ ڪورونا تي ڪا راءِ ٺاهڻ گهري ٿي ته پوءِ اها هڪ وفاقي جماعت آهي ۽ اهي سڀ مسئلا رڳو سنڌ جا ڪونهن پر سموري ملڪ جا آهن. تنهنڪري انهي کي هي ڪانفرنس سنڌ سطح تي ڪرڻ بجاءِ وفاقي سطح تي اسلام آباد ۾ ڪرڻ گهرجندي هئي ۽ انهي ۾ سموري پاڪستان جي جماعتن کي سڏڻ گهربو هو ته جيئن انهي تي ڪا مضبوط راءِ جوڙي وفاقي حڪومت کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرائي سگهجي ها، پر اها ڪانفرنس صرف ۽ صرف سنڌ اندر سنڌ پيپلز پارٽي طرفان سڏائي وفاق کي جيڪو نياپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي اهو ممڪن آهي ته سنڌ ڪارڊ پلي ڪرڻ کان وڌيڪ ڪجهه به نه هجي!
انعام ڀٽي

No comments

Powered by Blogger.